وڏيرو چوي ٿو زمين وڪرو ڪر، آبادگارن جو احتجاج

وڏيرو چوي ٿو زمين وڪرو ڪر، آبادگارن جو احتجاج

دڙو(ن سنڌ يار) پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا.!! دڙو ۾ پيراميڊيڪل اڳواڻ رجب ميمڻ جو تتل اُس ۾ پُٺا اگھاڙا ڪري ساٿين سميت جاتي جي بااثر دانش خان ملڪاڻي طرفان مبينا طور سندس زمين جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف سرڪاري اسپتال کان پنڃاري پل تائين احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، احتجاجي ڌرڻي ۾ سماجي اڳواڻ اسلم سومرو،. اعجاز اختر ميمڻ، رشيد آزاد، رفيق بلاولي سميت شھر ٻين ڪيترن ئي باشعور ماڻھن يڪجھتي طور شرڪت ڪئي، مظاھرين تتل اُس ۾ پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا.!! بااثر زميندار کان زمين جو پاڻي ڏياريو جا اُڀ ڏياريندڙ نعرا ھڻي رھيا ھئا. ان موقعي تي رجب ميمڻ خطاب ڪندي چيو تہ جاتي جي ديھ کيرسر ۾ منھنجي اباڻي زمين واقع آھي، جنھن کي حاصل ڪرڻ لاء جاتي جو بااثر وڏيرو دانش خان ملڪاڻي ٻن سالن کان وٺي زمين جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي، زمين بنجر ٿيڻ ڪري سندس لکين روپين جو نقصان ٿيو آھي، ھن چيو تہ آئون پنھنجي زمين تي وڃي بہ نٿو سگھان، دانش ملڪاڻي جا ھٿياربند زمين وڪڻن لاء ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، ھن پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سميت اعلي عدليا جو ڌيان ڇڪائيندي گھر ڪئي آھي، تہ خدارا مون مسڪين سان انصاف ڪري زمين جو پاڻي ڏياريو وڃي، ٻئي صورت ۾ پنھجن ٻچن ٻارن سميت ڪراچي پريس ڪلب آڏو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو