وڏو ڀاءُ خانداني زمين مان حصو گهرڻ تي قتل جون ڌمڪيون ٿو ڏئي

پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار) ڪوٽ بلا جي رهواسي نوجوان نظام الدين بلو پاران وڏي ڀاءُ پوليس اهلڪار غلام مرتضي’ بلو طرفان خانداني زمين تي قبضو ڪري حصو نہ ڏيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. نوجوان ميڊيا آڏو داهيندي چيو تہ منهنجو وڏو ڀاءُ پوليس اهلڪار غلام مرتضي’ بلو ملا علي ڀرسان لال پير ۾ اسان جي اباڻي زمين مان مونکي حصو نہ ٿو ڏئي. هن الزام هڻندي چيو تہ ڪجھ مهينا اڳ هن گهر ۾ مونکان زبردستي زمين جي کاتي تي صحيح ورتي هئي، جنهن کان پوءِ زمين مان حصو گهرڻ تي مونکي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. مان ايس ايس پي سکر، ڊي آءِ جي سکر، ڊي سي سکر ۽ ايس ڊي ايم پنوعاقل کان انصاف جي گهر ڪريان ٿو ۽ عرض ڪريان ٿو ته هي بيان رڪارڊ تي رکيو وڃي ۽ نقصان جي صورت ۾ سندس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو