وڌندڙ آبادي ملڪ لاءِ وڏو چيلنج، وقت سر قدم کڻڻ اڻٽڙ آهي

وڌندڙ آبادي ملڪ لاءِ وڏو چيلنج، وقت سر قدم کڻڻ اڻٽڙ آهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته وڌندڙ آبادي پاڪستان کي درپيش هڪ وڏو چيلنج آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت سر ۽ اثرائتا قدم کڻڻ ناگزير آهن.اسلام آباد ۾ ورلڊ پاپوليشن ڊي (آبادي جي عالمي ڏينهن) جي موقعي تي ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته نيشنل پاپوليشن ڪائونسل جو قيام هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جيڪا آبادي بابت پاليسي سازي ۽ اثرائتن قدمن ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديلين جهڙن چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، آبادي جي واڌ تي ضابطو آڻڻ لاءِ مختلف قدمن تحت فنڊز پڻ مختص ڪيا ويا آهن. محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي جي ڪري ملڪي وسيلن تي دٻاءُ ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو