وڊيو لنڪ ذريعي انڊر ٽرائل قيدين جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جو نظام متعارف

وڊيو لنڪ ذريعي انڊر ٽرائل قيدين جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جو نظام متعارف

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي هيٺ قيدين جا بيان وڊيو لنڪ ذريعي رڪارڊ ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. هي سسٽم چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس عقيل احمد عباسي متعارف ڪرايو، نئين سسٽم تحت انڊر ٽرائل قيدين جا بيان وڊيو لنڪ ذريعي رڪارڊ ڪيا ويندا.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب وڊيو لنڪ ذريعي بيان رڪارڊ ڪرائڻ سان پوليس، وڪيلن جو وقت ۽ ٽرانسپورٽ جو خرچ به بچندو ۽ سڪيورٽي جي صورتحال به بهتر ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو