پنوعاقل(سنتوش ڪمار )وچ شھر ۾ ڏينھن ڏٺي جو پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو، هڪ پوليس اهلڪار زخمي، هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، ھڪ فرار ٿي ويو. سانول چوڪ تي واردات ڪرڻ جي ارادي سان بيٺل ھٿياربندن جڏھن سٽي پوليس کي گشت ڪندي ڏٺو ته فائرنگ شروع ڪري ڏني ان دوران پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾مقابلو ٿي پيو مقابلي دوران ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار چاڪر خان چاچڙ زخمي ٿي پيو زخمي پوليس اهلڪار جي جوابي فائرنگ ۾ ڏوهاري نور حسن تيغاڻي زخمي ٿيو، جنهن کي پنوعاقل تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتان فرسٽ ايڊ کان پوء زخمي پوليس اهلڪار ۽ زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيوويو آهي. زخمي ڏوھاري جو تعلق ڳڙهي تيغي سان ٻڌايو پيو وڃي.










