ٽرمپ جي دعوا رد، وينزويلا جي قائم مقام صدر جي عوام کي مزاحمت جي اپيل

ٽرمپ جي دعوا رد، وينزويلا جي قائم مقام صدر جي عوام کي مزاحمت جي اپيل

ڪاراڪاس(ويب ڊيسڪ)وينزويلا جي 63 سالن جي صدر نڪولس مادورو جي آمريڪي فوج هٿان ’اغوا ۽گرفتاريءَ‘ کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نائب صدر ميڊم ڊيلسي روڊريگيز قائم مقام صدر جي چارج سنڀالي ورتي آهي. جنهن بعد آمريڪا سميتسڄي دنيان جون نظرون هن تي آهن. جنهن کي مادورو پنھنجي سڀ کان ويجھي ۽ اعتماد واري ساٿيءَ جي حيثيت سان نائب صدر چونڊيو ھو.
ڇنڇر تي َشام جو وينزويلا جي سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته مادورو جي ’جبري گمشدگي‘ جي ڪري رياست جي سربراھي ھاڻ روڊريگيز سنڀاليندي. عدالت جي آئيني بينچ جي صدر تانيا ڊيميليو چيو ته آئين مطابق صدر جي عارضي يا مستقل غير موجودگيءَ ۾ نائب صدر ئي ان جي جاءِ سنڀاليندو آھي. عدالت آمريڪي فوجي ڪارروائيءَ، جنھن جي نتيجي ۾ مادورو ۽ ان جي زال گرفتار ٿيا، کي ’اغوا‘ ۽ ’غير ملڪي جارحيت‘ قرار ڏنو. روڊريگيز کي عبوری صدر نامزد ڪندي عدالت ان کي ’خودمختياريءَ جي دفاع‘ ۽ ’آئيني نظام جي تحفظ‘ جو اختيار ڏنو آهي.
ان کان اڳ ڪاراڪاس مان ٽيليويزن خطاب ۾ روڊريگيز آمريڪا جي ڪارروائيءَ کي ’غير قانوني ۽ بلاجواز اغوا‘ قرار ڏنو ۽ چيو ته ’وينزويلا سان جيڪو ڪجھ ٿي رھيو آھي اھو بربريت آھي.‘ ھن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي گھيرڻ ۽ پابنديون لڳائڻ انساني حقن جي عالمي نظام جي ڀڃڪڙي ۽ انسانيت خلاف جرم آھي.
روڊريگيز عوام کان اپيل ڪئي ته هو پنھنجي ملڪ جي دفاع لاءِ ٻاھر نڪرن ۽ زور ڏيئي چيو ته ’وينزويلا ۾ رڳو ھڪ صدر آھي، ۽ ان جو نالو نڪولس مادورو آھي.‘ سندس ھي بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ جي نفي ڪري ٿو، جنھن ۾ ھن چيو ھو ته مادورو جي گرفتاريءَ کان پوءِ روڊريگيز حڪومت جي سربراھي ڪري سگھي ٿي ۽ آمريڪا سان گڏجي وينزويلا جي بحاليءَ تي ڪم ڪندي. ٽرمپ دعويٰ ڪئي هئي ته روڊريگيز آمريڪي وزير خارجا مارڪو روبيو سان رابطي ۾ آھي ۽ واشنگٽن جي مطالبن کي مڃڻ لاءِ تيار آھي. پر پوءِ روڊريگيز قومي نشريات ۾ وري چيو ته مادورو ئي وينزويلا جو واحد صدر آھي، ۽ وينزويلا نه جھڪندو، نه ھار قبول ڪندو ۽ ڪڏھن به ڪنھن جي ڪالوني نه بڻبو.‘
بوليوارين سوشلسٽ منصوبي جي دفاع ۾ ان جي ڪردار جي ڪري مادورو ماضيءَ ۾ روڊريگيز کي ’شيرني‘ قرار ڏنو ھو. جيڪي ماڻھو ان کي ويجھڙائيءَ کان سڃاڻن ٿا، هو چون ٿا ته هو ’انتھائي ذھين‘ آھي پر گڏوگڏ ’انتھائي نظرياتي به.‘
آخر ڊيلسي روڊريگيز ڪير آھي؟
ڊيلسي روڊريگيز ۽ خورخي روڊريگيز کي مادورو جي ٻن اھم ترين سياسي مددگارن طور سڃاتو ويندو آھي. 56 ساله وڪيل ڊيلسي روڊريگيز کي اصل سياست وراثت ۾ ملي آھي. هو خورخي انتونيو روڊريگيز جي ڌيءَ آھي، جيڪو 1960ع جي ڏھاڪي ۾ گوريلا اڳواڻ ھو ۽ 1976ع ۾ پوليس حراست ۾ مارجي ويو هو. ان کي ان وقت گرفتار ڪيو ويو ھو جڏھن ان تي ھڪ آمريڪي ڪمپني جي اعليٰ آفيسر وليم نيھاؤس جي اغوا ۾ ملوث ھجڻ جو الزام ھو.
روڊريگيز جي موت عوامي راءِ کي ھلائي ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته اھو واقعو پوليس جي تشدد ۽ بدسلوڪيءَ جو نتيجو ھو. ھي ئي سانحو ڊيلسي لاءِ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جو ھڪ وڏو سبب بڻيو. ھن وينزويلا جي سينٽرل يونيورسٽيءَ مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پوءِ فرانس ۾ محنت ڪش ۽ مزدور يونينن جي قانون تي وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. ڊيلسي ھڪ موقعي تي چيو ھو ته ’مون پنھنجي پيءُ جي ڪيس ۾ انصاف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ قانون جي تعليم ۾ داخل ٿيس. اتي مون فوري طور انسٽيٽيوٽ آف پينل اسٽڊيز ۾ تحقيقي مددگار جي حيثيت سان درخواست ڏني.‘
ھي واقعو ان جي سياست جي ويجھو اچڻ جو به سبب بڻيو. 2018ع جي ھڪ انٽرويو ۾ ھن چيو هو ته ’بوليوارين انقلاب، ڪمانڊر ھيوگو شاويز جي آمد، اسان جو ذاتي انتقام ھو.‘ پر ھن اھو به واضح ڪيو ته هو نفرت جي جذبي سان نه پر ھڪ مقصد تحت ڪم ڪري رھي آھي.
شاويز کان مادورو تائين جو پس منظر
ڊيلسي روڊريگيز بوليوارين انقلاب کي پنھنجي پيءُ جي قتل جو ھڪ قسم جو ’انتقام‘ قرار ڏنو هو. پنھنجي وڏي ڀاءُ خورخي روڊريگيز، جيڪو ھاڻ وينزويلا جي قومي اسيمبليءَ جو صدر آھي، وانگر ڊيلسي روڊريگيز به پنھنجي سياسي ترقيءَ جو آغاز ھوگو شاويز جي دور حڪومت ۾ ڪيو. هو پھريون ڀيرو ڪابينا ۾ شامل ٿي ۽ ڪجھه مھينن لاءِ وزارت صدارتي امور سنڀالي.
پر مادورو جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ هو اعليٰ عھدن تي فائز رھي. شروع ۾ هو وزير اطلاعات و نشريات، وزير معيشت ۽ وزير خارجا رھي. پوءِ هو نائب صدر جي منصب تائين پھتي ۽ ان سان گڏ وزارت ھائيڊروڪاربن جي ذميواري به سنڀالي. ڊيلسي روڊريگيز 2017ع ۾ چونڊيل متنازع آئين ساز اسيمبليءَ جي پھرين صدر به رھي. ھي منصب قانوني طور صدر جي عھدي کان وڌيڪ طاقتور سمجهيو ويندو ھو. پنھنجي ڀاءُ خورخي وانگر ڊيلسي به مادورو حڪومت جي ھڪ ڪليدي شخصيت آھي، جنھن کي ملڪ اندر ۽ ٻاھر سياسي آپريشنز لاءِ استعمال ڪيو ويو.
سياسي ماهر نيڪمر ايوانز 2024ع ۾ بي بي سي منڊو کي ٻڌايو ته ’ڊيلسي پنھنجي ڀاءُ سان گڏجي ڪم ڪري ٿي. هو ڪجھه گھٽ نظرياتي ۽ وڌيڪ عملي آھي. ھي ٻئي چڱي طرح تربيت يافته شخصيتون آھن جن حڪومت ۾ قابل ماڻھن جي کوٽ سبب پيدا ٿيل خال کي ڀريو آھي.‘
ڊيلسي گيٽ تنازع
ڊيلسي روڊريگيز مادورو جي اقتداري حلقي جو حصو آھي. ڊيلسي روڊريگيز 2014ع کان 2017ع تائين مادورو جي حڪومت ۾ وزير خارجا رھي، پر ان عھدي کان ھٽڻ کان پوءِ به هوءَ وينزويلا اندر ۽ ٻاھر حڪومت جو ھڪ نمايان چھرو بڻيل رھي. گھٽ ۾ گھٽ ڪجھه سالن ۾، جڏھن مادورو ٻاھريان دورا گھٽ ڪري ڇڏيا، روڊريگيز ترڪي، چين ۽ ايران جهڙن اتحادي ملڪن سان تعلقات ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو.
بين الاقوامي سطح تي هو ڪيترن تنازعن ۾ به اڳيان اڳيان رھي. 2016ع ۾، جڏھن هو وزير خارجا ھئي، ته ھن بيونس آئرس ۾ ھڪ اجلاس ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جيتوڻيڪ وينزويلا کي ان بلاڪ مان ٻاھر ڪڍيو ويو ھو.
ڪجهه سال پوءِ اسپين ۾ ’ڊيلسي گيٽ‘ نالي سان ھڪ تنازع کڙو ٿيو، جڏھن 20 جنوري 2020ع جي صبح هو ھڪ نجي جهاز ذريعي ميڊرڊ جي باراخاس ايئرپورٽ تي لٿي ۽ ان وقت جي اسپيني وزير ٽرانسپورٽ خوسي لوئس آبالوس سان ملاقات ڪئي، جيتوڻيڪ ان تي ان زون ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي ھئي.
روڊريگيز ان درجنوں اعليٰ وينزويلائي آفيسرن ۾ شامل آھي جن تي يورپي يونين انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ جمهوريت مخالف عملن تي پابنديون لڳايون. آمريڪا ان کي 2018ع ۾ به پابندين جو نشانو بڻايو، جڏھن آمريڪي خزاني کاتي ان جي ڀاءُ خورخي روڊريگيز، وزير دفاع ولاديمير پادرينو ۽ خاتون اول سيليا فلوريس تي به ساڳي نوعيت جون پابنديون لڳايون.
ان وقت به ۽ اڄ به ڊيلسي روڊريگيز انھن عملن کي رد ڪيو آھي ۽ کلي عام آمريڪي پاليسين تي سوال اٿاريا آھن. ان طرح ان حالتن مان گذرندي ٽرمپ جي هٿان وينزويلا ۾ مادورو کان پوءِ جي ممڪن سياسي منتقليءَ جو اوزار بڻجڻ، ان کان ايڏو سياسي لچڪداريءَ جو مطالبو ڪري ٿو جيڪو رڳو سخت ترين حقيقتن جي دٻاءُ ھيٺ ممڪن ٿي سگھي ٿو.
مريا ڪورينا مچاڊو ڪير آھي؟
مريا ڪورينا مچاڊو وينزويلا جي اپوزيشن ليڊر آھي. ان کي 2024ع جي صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو ويو ھو، جنھن جي دنيا ڀر ۾ مذمت ۽ تنقيد ٿي ھئي ته اھا چونڊ غير منصفاڻي ھئي. بي بي سي جي ڏکڻ آمريڪا جي نمائندي ايون ويلز گھٽ ۾ گھٽ ھڪ سال اڳ ڪاراڪاس ۾ ٿيل چونڊن جو مشاھدو ڪيو، جتي ان جي اميدوار ايڊمنڊو گونزاليز ھڪ ريلي ڪڍي ھئي جنھن ۾ گھٽين تي تمام گھڻو ھجوم ھو.
انھن نڪولس مادورو جي حڪومت کي پريشانيءَ ۾ وجھي ڇڏيو ھو. مريا مچاڊو ملڪي اپوزيشن جي رھنما آھي، جيڪا گھٽين تي ۽ پولنگ اسٽيشنن تي ھزارين ماڻھن کي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
2024ع جي چونڊن ۾ پولز ان جي يقيني فتح جو اشارو ڏنو ھو، پر نڪولس مادورو ٽيون ڀيرو ڪاميابي حاصل ڪئي. پر ڪيترن مبصرن چونڊ ۾ بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي هئي. بي بي سي جي ايون ويلز ذاتي طور ماڻھن کي پولنگ اسٽيشن ٻاھر ڪلاڪن تائين بيھڻ تي مجبور ڏٺو. چونڊ نتيجن کان پوءِ ملڪ جي ڪيترن حصن ۾ مظاھرا ٿيا پر مادورو انتظاميا انھن کي دٻائي ڇڏيو.
مچاڊو کي روپوش ٿيڻو پيو ۽ ان جو ٺڪاڻو ھاڻوڪي وقت نامعلوم آھي. هو جنوري ۾ مادورو جي افتتاح خلاف مظاھرن ۾ ڏٺي ويئي ھئي ۽ ان وقت کيس ٿوري دير لاءِ گرفتار ڪيو ويو پر پوءِ ڇڏي ڏنو ويو. مريا ڪورينا گزريل سال خفيه سفر ڪري نوبل امن انعام وٺڻ ناروي پھتي هئي.
وينزويلا جي اپوزيشن رھنما ۽ امن جو نوبل انعام کٽيندڙ مريا ڪورينا مچاڊو کي ملڪ مان بحفاظت ٻاھر ڪڍڻ آسان نه ھو. ان مشن جي قيادت ڪندڙ شخص بي بي سي کي ٻڌايو ته ان دوران انھن کي ويس بدلائڻا پيا، سمنڊ جي وڏين لهرن ۾ ٻه ٻيڙا ۽ پوءِ ھڪ جهاز جو سھارو وٺڻو پيو.
ان مشن کي ‘آپريشن گولڊن ڊائنامائٽ’ جو نالو ڏنو ويو ھو. گري بل ريسڪيو فائونڊيشن جي باني ۽ آمريڪي اسپيشل فورسز جي سابق ميمبر برائن سٽرن چوندو آهي ته ھي سفر نه رڳو ڊگھو پر انتھائي سرد به ھو پر ان جي باوجود ’باحوصله‘ مريا ھڪ ڀيري به ڪا شڪايت نه ڪئي. هن وڌي چيو هو ته ‘سمندر تمام بڦريل ھوندا آھن، مڪمل اوندھ ھوندي آھي. اسان ڳالھائڻ لاءِ فليش لائٽس استعمال ڪري رھيا ھئاسين. اھو تمام خوفناڪ ھو ۽ تمام ڪجھه غلط ٿي سگھيو ٿي.‘ پر سڀني خطرن جي باوجود ان سفر ۾ ڪا به شيءِ غلط نه ٿي. مريا ان ڏينھن يعني اربع جي رات کان اڳ اوسلو، ناروي ۾ امن جو نوبل انعام وصول ڪرڻ لاءِ پھچي ويئي ھئي.
مريا وينزويلا ۾ 2024ع جي چونڊن کان پوءِ پنھنجي ملڪ ۾ لڪي رھي ھئي ۽ ان کي هلندڙ سال جنوريءَ کان پوءِ عوام ۾ نه ڏٺو ويو. مريا ڪورينا مچاڊو ان کان اڳ ايڊمنڊو گونزاليز کي اقتدار سنڀالڻ جي اپيل ڪئي ھئي. ھن 2024ع جي صدارتي چونڊ ۾ گونزاليز لاءِ مھم ھلائي ۽ ان جي پارٽيءَ جي جاري ڪيل نتيجن مطابق گونزاليز وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو.
مريا ڪورينا جا ٻار وڏا ٿي چڪا آھن ۽ انھن جي پنھنجي ماءُ سان ٻن سالن کان ملاقات نه ٿي آھي. ھي ٻار اوسلو ۾ پنھنجي والدہ جو استقبال ڪرڻ لاءِ موجود ھئا. (نوٽ هي آرٽيڪل بي بي سي تي شايع ٿيو جيڪو سندن ٿورن سان پيش ڪجي ٿو.ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو