ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وينزويلا جي هٽايل ۽ حراست ۾ ورتل صدر نڪولس مادورو کي نيو يارڪ منتقل ڪيو ويو آهي. هنجي تازي جاري ڪيل مختصر ويڊيو ۾ هو ڊرگ ايجنسي جي اهلڪارن سان گهمندي ڏسجي رهيو آهي. گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو هو ته وينزويلا جو نظام آمريڪا پاڻ سنڀاليندو ۽ اقتدار جي منصفاڻي ۽ پرامن منتقلي تائين اسان اقتدار هلائينداسين, هن ان ڏس ۾ ڪا به ڊيڊ لائين نه ڏني بس چيو ته جڏهن صورتحال بهتر ٿيندي. اهڙواظهار هن وينزويلا جي صدر ۽ زال سميت حراست ۾ وٺي آمريڪا منتقل ڪرڻ، مٿس منشيات ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ جو ڪيس هلائڻ جو اعلان ڪيو. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته ڇا ڊگهي عرصي تائين اوهان اقتدار سنڀاليندا ته هن چيو ته ان ۾ اسانجو خرچ نه لڳندو، پيسا گرائونڊ تان جام ملندا، اسانجون تيل ڪمپنيون به ڪمائينديون. اسين جيڪو خرچ ڪيو آهي، اهو وصول ڪنداسين ۽ سچي ڳالهه اها آهي ته اهو ڪم اسانکي ڪافي دير اڳ ڪرڻ گهربو هو. صدر ٽرمپ هٽايل ۽ گرفتار ڪيل صدر جي هڪ تصوير به جاري ڪئي آهي جنهن ۾ کيس اکين تي پٽي ٻڌل آهي ۽ هٿ ۾ پاڻي جي بوتل آهي. ٽريڪ سوٽ ۾ نظر ايندڙ مادورو جي ڀر ۾ بيٺل هڪ اهلڪار جي يونيفارم تي ’ڊرگ انفورسمينٽ ايجنسي‘ جو مونوگرام آهي، صدر ٽرمپ چيو ته ان ئي ايجنسي جي هو حراست ۾ آهي. روس، چين ۽ ايران بابت سوال تي صدر ٽرمپ چيو ته روس سان معاملا سڌا ڪري رهيا اهيون، اسين تيل جي بزنيس ۾ آهيون ٻين کي اسين وڪرو ڪنداسين. ڪيوبا بابت سوال تي هن چيو ته اها ناڪم ٿيندڙ قوم آهي ۽ اسين انهن کي به بچائينداسين. ڪولمبيا بابت سوال تي هن چيو ته اتي ڪوڪين ٺاهڻ جون فيڪٽريون آهن ۽ مان سندن صدر کي چوندس ته اڳ ۾ هو پنهنجي ڳئي ڏسي. صدر ٽرمپ ٻڌايو ته شهر ۾ بجلي نه هئي، گهڦ اوندهه ۾ اسين اڌ رات جو کيس پڪڙيو. جيڪا اسانجي فوج جي مهارت هئي. ان موقعي تي مارڪو روبيو چيو ته نڪولس مادورو وينزويلا جو قانوني صدر نه هو، هن تي آمريڪا ۾ ڪيس داخل آهي، يورپي يونين سميت ڪافي ملڪن هنکي تسليم نه ڪيو هو. هن ٻڌايو ته مادورو کي ڪافي اهم آڇون ڪيون پر هو جنگلي بڻيو، اخري وقت تي سخت شرط رکيائين جيڪي صدر ٽرمپ قبول نه ڪيا.آپريشن جي ڪانگريس کان منظوري واري سوال تي هن چيو ته حالتون سخت هيون ان ۾ اڳواٽ منظوري لاءِ وقت نه هو، فارملٽي بعد م پوري ڪنداسين. ان موقعي تي ٽاپ آمريڪي جنرل ڊين ڪين ٻڌايو ته آپريشن ايف 22 کان وٺي بي ون بامبر تائين 150 جهازن حصو ورتو، اسانکي ٽاسڪ مليو، اسين رٿا بندي ڪئي ۽ بردباري سان ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته مقامي وقت موجب 2.01 منٽ تي اسين مادورو جي ڪمپائونڊ ۾ داخل ٿياسين، ڪوشش هئي ته ڪو نقصان نه ٿئي.
مشهور خبرون










