ويسٽ انڊيز کي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست، سيريز برابر

ڪنگسٽن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ 109 رنز تان شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي. شاهين آفريدي مجموعي طور 10 وڪيٽون ورتيون پهرين اننگ ۾ 6 ۽ ٻئي اننگ ۾ 4 وڪيٽون ورتيون. سبين پارڪ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ميزبان ٽيم ٽاس کٽي بولنگ جو فيصلو ڪيو پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم 75 ۽ فواد عالم 124 ناٽ آئوٽ ٺاهيون. ويسٽ انڊيز پهرين اننگ ۾ 150 تي ڍير ٿي وئي. ٻئي اننگ ۾ 6 وڪيٽن تي پاڪستان 176 رنز ٺاهي ڊڪليئر ڪئي. ٻئي اننگ ۾ ويسٽ انڊيز 219 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي. شاهين آفريدي کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو