ويسٽ انڊيز خلاف سيريز، قومي ٽيم جو اعلان

ويسٽ انڊيز خلاف سيريز، قومي ٽيم جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ)ويسٽ انڊيز خلاف سيريز لاءِ 16 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ويسٽ انڊيز خلاف قومي اسڪواڊ ۾ ٽي اوپنرز، ٽي مڊل آرڊر بيٽسمين، ٻه وڪيٽ ڪيپر، ٽي اسپنر ۽ پنج فاسٽ بالر شامل ڪيا آهن.چيف سليڪٽر محمد وسيم چيو آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف ٽيون ون ڊي ميچون آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ سپر ليگ جو حصو آهن، ان ڪري بهترين رانديگرن جي چونڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.هن چيو ته هي سيريز منظم ماحول ۾ نه کيڏي پئي وڃي ان ڪري ضرورت پوڻ تي رانديگرن کي ٿوري وقت ۾ گهرائي سگهجي ٿو. آصف آفريدي ۽ عثمان قادر کي ويسٽ انڊيز خلاف اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته محمد نواز ۽ شاداب خان مڪمل فٽ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو