پرٿ(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي ليجنڊ بيٽسمين ويرات ڪوهلي پروفيشنل ڪرڪيٽ ۾ سينچرين جي سينچري مڪمل ڪري ورتي آهي. هن پرٿ ٽيسٽ ۾ سينچري اسڪور ڪري اهو سنگ ميل عبور ڪيو. هو دنيا جو واحد حاضر سروس ڪرڪٽر آهي جنهن سينچرين جي سينچري مڪمل ڪئي آهي. جڏهن ته ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ اهو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ مجموعي طور تي هو 37 هون ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي جنهن پروفيشنل ڪرڪيٽ ۾ 100 سينچريون اسڪور ڪيون آهن. آسٽريليا خلاف پرٿ ٽيسٽ جي ٽئين اننگز ۾ ويرات ڪوهلي 143 بالن تي 100 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي. اها سندس پروفيشنل ڪيريئر جي 100هين سينچري هئي، هن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ 81 سينچريون اسڪور ڪيون آهن. ويرات ڪوهلي جي رڪارڊ ۾ 37 فرسٽ ڪلاس، 54 لسٽ اي ۽ 9 ٽي 20 سينچريون شامل آهن. آخري ڀيرو 100 سينچرين جو سنگ ميل سريلنڪن ڪمار سنگاڪارا 2020ع ۾ عبور ڪيو هو. انگلينڊ جو جيڪ هوبز 199 سينچرين سان پهرين نمبر تي آهي. پاڪستان جو ظهير عباس واحد پاڪستاني آهي جنهن پروفيشنل ڪرڪيٽ ۾ سينچرين جي سينچري مڪمل ڪئي هئي. هن 127 سينچريون اسڪور ڪيون آهن. ويرات ڪوهلي کان اڳ هن لسٽ ۾ واحد ڀارتي بيٽر سچن ٽنڊولڪر هو جنهن 142 پروفيشنل سينچريون اسڪور ڪيون آهن.










