وياج خلاف اپيلون جلد اڪلايو، مولانا جو چيف کي خط

وياج خلاف اپيلون جلد اڪلايو، مولانا جو چيف کي خط

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي خط لکي ڇڏيو. جي يو آءِ ترجمان موجب فضل الرحمان چيف جسٽس جي نالي خط ۾ مبارڪ ثاني ڪيس جو تفصيلي فيصلو جلد جاري ڪرڻ جي اپيل ڪئي. هن لکيو ته جلد تفصيلي فيصلو جاري ڪيو وڃي ته جيئن پاڪستاني مڪمل طور مطئمن ٿي وڃن. پنهنجي خط ۾ جي يو آءِ سربراهه مالياتي نظام ۾ وياج خلاف اپيلون جلد اڪلائڻ جي به اپيل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو