ڄامشورو (ن سنڌ يار ) ڄامشورو سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ ون ونڊو ڊجيٽل سسٽم جو افتتاح سيد ناصر شاھ پاران ڪيو ويو. ڄامشورو سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ون ونڊو ڊجيٽل سينٽر جو افتتاح بلديات ۽ اطلاعات منسٽر سيد ناصر حسين شاھ پاران ڪيو ويو.افتتاح بعد تقريب خطاب ڪندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي سنڌ گورنمينٽ جو پروگرام آهي، اسان جي ذميواري آهي ته الاٽيز کي وڌ کان وڌ سهولتون مهيا ڪيون، ان لاءِ نادرا جي تعاون سان ون ونڊو ڊجيٽل سسٽم سينٽر جو بنياد رکيو آهي، جنهن سان الاٽيز ايس ڊي اي کان ورتل پلاٽ ۽ پراپرٽيز جي ويريفيڪيشن آساني سان ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ايس ڊي اي جي زمينن تي قبضن جي ڄاڻ ملي آهي، جنهن خلاف ڊي جي منير احمد سومرو جي اڳواڻي ڪافي حد تائين ڪارروائي ڪئي وئي آهي، تمام جلد سمورا قبضا ختم ڪرايا ويندا. هن چيو ته ايس ڊي اي جي موجوده انتظاميا جي تمام بهتر ڪارڪردگي سبب ڪافي حد تائين بهتري پڻ اچي چڪي آهي.ڊائريڪٽر جنرل ايس ڊي اي منير احمد سومرو چيو ته صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه جي حڪم تي اسلام آباد کان آيل نادرا ويريفڪيشن ٽيم سان گڏ سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ نادرا جي تعاون سان ھڪ ون ونڊو ڊجيٽل سينٽر قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ الاٽيز کي پنهنجو رڪارڊ سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي آفيس مان بائيو ميٽرڪ ويريفڪيشن، شناختي ڪارڊ، ويريفڪيشن، ٿمڀ ويريفڪيشن ۽ فوتي ويريفڪيشن کان علاوه خريد ۽ فروخت نه ڪري سگهندا.هن چيو ته هي پهرين اٿارٽي آهي جيڪا نادرا سان ڪنيڪٽ ڪئي وئي آهي جنهن سان الاٽيز جا فائل محفوظ ٿي ويندا ۽ ون ونڊو اسڪيم تحت پلاٽن جا الاٽيز فائيل بغير ويريفڪيشن جي ٽرانسفر نه ٿي سگھندا، ھن چيو ته جيڪي به غيرقانوني پلاٽنگ اسڪيمون ۽ سيوھڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي کان منظور ٿيل ناھن اھي قانوني طريقي ذريعي جلد ختم ڪرايون وينديون, ايس ڊي اي جي زمين تي قبضا ڪندڙ مافيا خلاف ڀرپور آپريشن ڪيو ويندو، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين ادارن کي ليٽر پڻ لکيا ويا آهن، ۽ ايس ڊي اي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.










