ونڊير کان شاندار فتح،زمبابوي ٽئين ميچ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

ونڊير کان شاندار فتح،زمبابوي ٽئين ميچ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

ميلبورين (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي مردن ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 جي ڪواليفائر رائونڊ جي 13هين ميچ ۾ زمبابوي ويسٽ انڊيز کي 35 رنسن تان شڪست ڏئي مسلسل ٽئين فتح حاصل ڪري ورتي.هراري ۾ کيڏيل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز بالنگ جو فيصلو ڪيو، زمبابوي پهرين بيٽنگ ڪندي آخري اوور جي پنجين بال تي 268 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. سڪندر رضا 58 بالن تي 68 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته آل رائونڊر 36 رنسون ٺاهي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ۽ 2 ڪيچ به ورتي، سڪندر رضا کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.ويسٽ انڊيز جي اوپنر ڪائل ميئرز 56 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته مڊل آرڊر بيٽنگ ۾ رسٽن چيس 44، نڪولس پران 34 ۽ شائي هوپ 30 رنسن کانسواءِ ٻيو ڪو به بيٽسمين نمايان ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو.ويسٽ انڊيز جي ٽيم 45 هين اوور ۾ 233 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ اهم ميچ 35 رنسن تان هارائي وئي.ٽن هفتن جي اهم ٽورنامينٽ ۾ فيصلو ڪيو ويندو ته ڪهڙيون ٽيمون ڀارت ۾ آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪنديون، گروپ اي ۾ ويسٽ انڊيز، زمبابوي، هالينڊ، نيپال ۽ آمريڪا کي شامل ڪيو ويو آهي.گروپ بي ۾ سريلنڪا، آئرلينڊ، اسڪاٽ لينڊ، عمان ۽ يو اي اي شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو