وقت اچڻ تي وزيراعظم نئون آرمي چيف مقرر ڪندو: خواجا آصف

وقت اچڻ تي وزيراعظم نئون آرمي چيف مقرر ڪندو: خواجا آصف

اسلام آباد(بيورو)بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته وقت اچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ميرٽ موجب آرمي چيف جي مقرري ڪندو، وزيراعظم کي ائين ڪرڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي. ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته آرمي چيف جي ايندڙ مقرري نومبر ۾ ٿيڻي آهي، مقرري ۾ ست مهينا آهن.هن چيو ته جڏهن وقت ايندو ته وزيراعظم آئين ۾ ڏنل اختيار استعمال ڪندو، وزيراعظم کي ائين ڪرڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي.وزيراعظم عمران خان جي حڪومت تي تنقيد ڪندي بچاءَ واري وزير چيو ته عمران خان جو زوال سندس ئي عملن سبب ٿيو، فواد چوڌري صحيح چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان سندس لاڳاپا خراب ٿيا. هن چيو ته پي ٽي آءِ هر ڪنهن کي تڪراري بڻائي ٿي، عمران دور ۾ هڪ عورت اربين رپيا ڪمايا ۽ اڄ هو ڀوتار آهي، عمران خان جو نالو بدلائي توشه خانه رکيو ويو آهي. هن چيو ته جيڪي اسان کي امپورٽڊ گورنمينٽ چوندا آهن اهي پنهنجا ٻار برطانيا ايڪسپورٽ ڪري رهيا آهن.چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت بچاءَ واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ بابري يعقوب کي چيف اليڪشن ڪمشنر بڻائڻ چاهي ٿي، اسان ان جي مخالفت ڪئي، هن چيو ته سڪندر سلطان راجا جو نالو اسٽيبلشمينٽ ڏنو آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري چيو هو ته موجوده حڪومت کي آرمي چيف ۽ ٻين مقررين جو ڪو به حق ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو