لاهور (ويب ڊيسڪ)نامياري قانوندان اعتزاز احسن چيو آهي ته وفاقي حڪومت وٽ به نگران حڪومت جو مدو وڌائڻ جو پروگرام آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته وفاق ۾ نگران حڪومت ٺاهڻ جو پروگرام ٺاهيو پيو وڃي، خواجا آصف اسحاق ڊار جي نگران وزيراعظم ٿيڻ تي درست اعتراض ڪيو.اعتزاز احسن چيو ته خواجا آصف اسيمبلي ۾ عورتن بابت غلط ٻولي استعمال ڪئي.هن چيو ته آءِ جي پنجاب کان 9 مئي جي واقعن بابت پڇاڻو ڪيو وڃي ته سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو، فوجي عدالتن جو ڪيس عوامي مفاد جو ڪيس آهي.اعتزاز احسن چيو ته گيلاني ۽ جمالي حڪومت کي ڏسجي ته توشه خانو ڪيس نه ٿيندو. ڪو به ان کي رد نٿو ڪري، هرڪو ان کي مڃي ٿو.هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي آمريڪا خلاف احتجاج جو فيصلو ڪيو هو، وزيراعظم کي سيفرنس ختم ڪرڻ جو اختيار آهي.اعتزاز احسن اهو به چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن مون کي نوٽيس جاري ڪيو ته ان جو دفاع ڪندس.










