گلگت(ويب ڊيسڪ) بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مان چاهيان ٿو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت فيصلا اسلام آباد ۾ ويٺل ڪنهن بابو بدران توهان پاڻ ڪريو.
گلگت بلتستان ۾ 7 جون تي پولنگ آهي، بلاول چونڊ مهم جي سلسلي ۾ حلقي جي بي اي-12 شگر ۾ هڪ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته، “مان ته سڄي پي ڊي ايم کي ناراض ڪري توهان وٽ آيو هوس، ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر توهان جي حمايت وٺڻ لاءِ آيو آهيان. توهان ڪڏهن به پيپلز پارٽي کي مايوس نه ڪيو آهي. انهن کي اها غلط فهمي هئي ته عوام لاءِ آواز اٿارڻ وارو ڪو به نه رهندو.”
هن چيو ته قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صرف “روٽي، ڪپڙو ۽ مڪان” جو نعرو نه ڏنو هو، پر ان تي عمل به ڪيو هو. پاڪستان اڄ ايٽمي طاقت بڻجي دنيا آڏو مضبوط بيٺو آهي. پيپلز پارٽي هميشه پٺتي پيل طبقن جي نمائندگي ڪئي آهي. قائدِ عوام گلگت بلتستان جي ڪمزور عوام جو ساٿ ڏنو ۽ توهان به سندس ساٿ ڏنو، جنهن پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ به اسان جو مطالبو آهي ته گلگت بلتستان ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن. “توهان کي فارم 45 هٿ ۾ کڻي واپس وڃڻو آهي، توهان منهنجو ساٿ ڏيو، فارم 47 جو بندوبست مان پاڻ ڪندس. اميد آهي ته هن ڀيري اسان جي ڪا به سيٽ چوري نه ٿيندي.”
هن وڌيڪ چيو ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون چونڊون تڏهن ٿيڻ گهرجن جڏهن پاڪستان ۾ عام چونڊون ٿين. “جڏهن گلگت بلتستان ۽ پاڪستان جون چونڊون گڏ ٿينديون، تڏهن ئي حقيقي معنيٰ ۾ حقِ حاڪميت يقيني بڻجي سگهندو.”
پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته “هو هر شيءِ اسلام آباد مان هلائڻ چاهين ٿا. هو گوادر ۽ ڪراچي کي به اسلام آباد مان هلائڻ چاهين ٿا. اسلام آباد وارن جي فيصلن جو نقصان توهان ڀوڳيو آهي. ٻيون پارٽيون گلگت بلتستان ۽ گوادر کي به اسلام آباد مان هلائڻ چاهين ٿيون. جيڪڏهن وفاق ڏيوالو ٿي ويو آهي ته سڀ کان پهرين گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير واري وزارت بند ڪري. مان چاهيان ٿو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا فيصلا اسلام آباد ۾ ويٺل بابو نه، پر توهان پاڻ ڪريو.”
هن چيو ته اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آندو، جنهن جي ذريعي شگر کان وٺي بلوچستان جي ساحلي علائقن تائين عورتن کي سهارو ملي رهيو آهي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو تحفظ صرف پيپلز پارٽي ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته ٻيون جماعتون ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هن پروگرام کي ختم ڪرڻ چاهين ٿيون.
سندس چوڻ هو ته هاڻي انهن جي نئين سوچ اها آهي ته هي پروگرام صوبن حوالي ڪيو وڃي. “دنيا ۾ اهڙيون ذميواريون عام طور وفاقي حڪومتون نڀائينديون آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي صوبن حوالي ڪرڻ جو مطلب اصل ۾ پروگرام کي بند ڪرڻ آهي.”
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن هو پرڏيهي وزير هو ته هو افغانستان کي چوندو هو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ماڊل بڻايو وڃي ۽ غريبن جي مدد ڪئي وڃي. “هتي ڪجهه سياسي جماعتون پنهنجي ئي ڪامياب منصوبي کي بند ڪرڻ جي سازش ڪري رهيون آهن، پر اسان انهن جون سڀ سازشون ناڪام بڻائينداسين.”










