وفاق جي بي حسي تي احتجاج ڪريان ٿو، مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ برسات جي تباهيءَ تي بي حسي ڏيکارڻ تي وفاقي حڪومت آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايان ٿو. سي ايم هائوس ۾ پريس ڪانفرس ڪندي هن چيو ته وڏي وزير جي حيثيت سان وزيراعظم کي امداد لاءِ 2 ڀيرا خط لکيو، اڃا تائين ڪو به جواب نه آيو آهي، گڏ بيهڻ ته پري جي ڳالهه، وزيراعظم ڪنهن سان ڳالهائڻ جي به زحمت نه ڪئي آهي ۽ نه ئي متاثره علائقن جو دوروڪيو. هن چيو ته هلندڙ سال مثالي بارشون ٿيون ۽ 27 آگسٽ واري بارش رهي سهي ڪثر به ڪڍي ڇڏي. هن چيو ته برساتن دوران ميرپور خاص، سجاول، ٺٽو، سانگهڙ، ميرپور خاص ۽ جوهيءَ جي علائقن ۾ تباهي آئي، ميڊيا ڪراچي تي ته فوڪس ڪيو پر سنڌ جي ٻين علائقن ۾ جيڪا تباهي آئي آهي ان جي ميڊيا ڪوريج ناهي ڪئي ۽ لڳي ٿو ته ميڊيا ۾ به وفاقي حڪومت جو روح اچي ويو آهي. هن چيو ته متاثر علائقن ۾ تباهه ٿيل انفرا اسٽرڪچر تي ڪم ٿي رهيو آهي، رستن جي به مرمت ڪئي پئي وڃي، ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس دوران وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون نه ٿي ڪري سگهي ته سائيڊ تي ٿئي، وفاقي وزير چوندا هئا ته سنڌ جي عوام کي هڪ رُپيو به نه ڏينداسين، اُنهن جي دشمني ظاهر ٿي وئي آهي، اسان کان حساب ڪتاب وٺڻ جون ڳالهيون ڪندڙ پاڻ سنڌ جي عوام لاءِ ڪم ڪري ڏيکارين. وڏي وزي ٻڌايو ته مون مختلف ملڪن جي سفيرن کي بريفنگ ڏني ويڊيو ڪلپ ڏيکاريا ۽ هنن چيو ته وفاقي حڪومت چوي ته پوءِ مدد لاءِ تيار آهيون، مون وزيراعظم کي خط لکي آگاهه ڪيو پر هن جواب ئي نه ڏنو. هن ٻڌايو ته ميرپور خاص جي 15 لک 75 هزار آبادي مان 6 لک 14 هزار ماڻهو متاثر ٿيا، 2 لک ايڪڙن تي پاڻي هو جيڪو هاڻي به 33 هزار ايڪڙن تي بيٺل آهي، هڪ لک کان مٿي ماڻهو دربدر آهن، 29 هزار کان مٿي گهر متاثر ٿيا ۽ ساڍا 49 هزار ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو