اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني، جڏهن ته 3 ۽ 11 مئي تي قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي فيصلن جي به منظوري ڏني وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين تي ملندڙ رليف عوام تائين نه پهچائڻ وارن خلاف ڪارروائي جي به منظوري ڏني وئي ۽ گهرو وزارت کي هدايت ڪئي وئي ته پيٽروليم شين تي رليف عوام تائين نه پهچندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.واضح رهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ فوجي ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ وارن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو هو، جڏهن ته سڪيورٽي ڪميٽي فوجين تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت ٽرائل جي فيصلي جي حمايت ڪئي هئي










