وفاقي حڪومت معاشي بحران ۽ مهانگائي ڪئي آهي،نثار کهڙو

ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار) وفاقي حڪومت معاشي بدحالي جو بحران پيدا ڪيو آھي، ھاڻ واپس وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه بچيو آھي، عمران حڪومت عوام کي ٺلھا دلاسا ۽ بک ڏني آھي.اهڙو اظهار پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کھڙو پاران اڳوڻي ايم پي اي مرحوم عبدالقادر سومرو جي وفات تي سندس سئوٽ پ پ ايم پي اي عبدالڪريم سومرو سان تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو.هن چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ کي ترقي ڏانهن گامزن ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ معاشي بحران پيدا ڪيو آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري جا نوان رڪارڊ قائم ڪري ملڪ جي تاريخ اندر مهانگائي جو طوفان آندو آهي، غريب مسڪين طبقي لاءِ پنهنجي پيٽ گذران ڪرڻ بعد هاڻي مشڪلات بڻيل آهي، سموري بحران ۾ عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ صرف سياسي مخالفن تي الزام تراشي جو موقف ادا ڪيو آهي، جنهن جي ڪري هاڻي وفاقي حڪومت سان اپوزيشن ڳالهيون ڪرڻ جا سمورا دروازا بند ڪري وفاقي حڪومت لاءِ نئين چونڊ ڪرائڻ کانسواءِ ڪو به آپشن نه ڇڏيو آهي.ھن چيو ته وفاقي حڪومت کي بنا دير نئين اليڪشن جو شيڊول ڏيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان وٽ استعيفيٰ ڏيڻ کانسواءِ هاڻي ڪا به راهه نه بچي آهي، وفاقي حڪومت جي خلاف پي ڊي ايم جي گڏيل اتحاد ۾ پيپلزپارٽي هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندي، حڪومت سان هاڻي ڳالهيون ڪرڻ جو وقت ختم ٿي چڪو آهي، وفاقي حڪومت وٽ هاڻي واپس وڃڻ کانسواءِ ٻي ڪا به راهه نه بچي آهي، وفاقي حڪومت صوبن ۾ اتفاق پيدا ڪرڻ بجاءِ صوبن جا اختيار گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري نقصان رسايو آهي. سنڌ صوبي کي سندس رائلٽي وارو حق مڪمل نه ڏنو ويو آهي.انهي موقعي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي حڪم تي پ پ ايم پي اي اعجاز حسين شاهه بخاري ۽ ايم پي اي عبدالڪريم سومرو، پ پ ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي پاران پنھنجون استعيفائون پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو وٽ جمع ڪرايون آھن. ان موقعي خرم سومرو، پ پ ضلعي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر مير حسن ملاح ۽ ٻيا موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو