اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب عيدالفطر جون موڪلون 21 اپريل جعي کان 25 اپريل اڱاري تائين هونديون.عيدالفطر جي موڪلن جو نوٽيفڪيشن گهرو وزارت طرفان جاري ٿيندو، موڪلن جي منظوري ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي ڏني وئي آهي.هوڏانهن مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس 20 اپريل تي اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن جي صدارت مولانا عبدالخبير آزاد ڪندو، اجلاس ۾ شوال جي چنڊ بابت اعلان ڪيو ويندو.










