اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) منحرف ميمبرن بابت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ طرفان اسد محمود ايڊووڪيٽ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي آهي. وفاداري مٽائيندڙ ميمبرن خلاف درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب ۾ چيو هو ته حڪومت خلاف پرڏيهي سازش ٿي رهي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ جا 20 کان وڌيڪ ميمبر پارليامينٽ ۾ پارٽي کان ڌار ٿيا، اپوزيشن سان ملي ويا ۽ اتحادين حڪومت کي ڇڏي ڏنو. اليڪشن ڪميشن هنن کي عدم اعتماد ۾ ووٽنگ لاءِ نا اهل قرار ڏي.










