دادو(ن سنڌيار)وفاقي وزير پاڻي ۽ بجلي خرم دستگير دادو پهچي ويو وفاقي وزير 500 ڪي وي ۽ 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشن جو معائنو ڪيو وزيراعظم پاڪستان جي حڪم تي سيپڪو پاران گرڊ اسٽيشن جي 4 ايڪڙ زمين تي ٻوڏ متاثرين لاءِ ٽينٽ سٽي پڻ قائم ڪئي وئي وفاقي وزير ٽينٽ سٽي ۾ ٻوڏ متاثرين سان پڻ ملاقات ڪئي ٻوڏ متاثر عورت خرم دستگير آڏو پنهنجا اهنج ٻڌائيندي چيو ته گهر، سامان سڀ ٻڏي ويو،آهي پنهنجي گهرڙن کي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڪريندين اکين سان ڏسي دل چڪناچور ٿي وئي رب سائين اهڙي مصيبتن کان بچائي پيرين اگهاڙي اتان نڪري هتي پهتا آهيون مدد ڪئي وڃي خرم دستگير عورت کي چيو ته الله اسان جي مدد ڪندو ته اسان اوهان جي به مدد ڪنداسين اسان سڀني جو فرض آهي ته هن مشڪل گهڙي ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪيون وزيراعظم پاڪستان جي حڪم تي دادو جي گرڊ اسٽيشن اندر ريلف ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي جتي کاڌي پيتي سان گڏ صحت جون سهولتون به فراهم ڪيون وينديون ڪي اين شاهه، جوهي ۽ ڀان جي بجلي بند آهي جنهن لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته جلد بجلي بحال ڪرايون جيڪي علائقا مڪمل طور پاڻي ۾ ٻڏل آهن انهن جي بجلي بحال ڪرائڻ سان گڏ اهو به ڏسڻو آهي ته بجلي سبب ڪا انساني جان توڙي ڪو جانور ڪرنٽ لڳڻ سبب نه مري ڪجهه مهينن ۾ ٻوڏ متاثرين کي مڪمل رليف ملي ويندو ۽ هو پنهنجن گهرن ۾ آباد ٿي ويندا هتي شڪايت ملي ته لوڊشيڊنگ ٿئي ٿي ٻوڏ متاثرين وڏي انگ ۾ هتي آهن هڪ ٻن ڏينهن ۾ دادو سميت ٻوڏ متاثر علائقن کي وڌيڪ بجلي فراهم ڪئي ويندي ته جئين متاثرين کي رليف ملي سگهي










