نقوي مشن ڪامياب، نون ليگ ۽ پ پ جو بيان بازي روڪڻ تي اتفاق

نقوي مشن ڪامياب، نون ليگ ۽ پ پ جو بيان بازي روڪڻ تي اتفاق

نوابشاهه (ن س )پرچائڻ وارو مشن ڪامياب ٿي ويو، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي بيان بازي کي روڪڻ لاءِ تيار آهن، پنجاب حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ مسلم ليگ (ن) ۽ وفاقي حڪومت جي هڪ وفد نوابشاهه ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، حڪومتي وفد ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي شامل هئا، ذريعن موجب صدر زرداري سان ملاقات ۾ پنجاب ۽ سنڌ حڪومتن جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ سان لاڳاپيل مختلف معاملا بحث هيٺ آيا،ذريعن موجب، ملاقات دوران آصف علي زرداري سرڪاري وفد کي چيو ته هو پنهنجي پارٽي جي ماڻهن کي سمجهائين، اسان نٿا چاهيون ته شيون خراب ٿين،ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) ڪميٽي ميمبر چيو ته پيپلز پارٽي کي به بيان بازي بند ڪرڻ گهرجي،ذريعن موجب حڪومتي وفد ۽ صدر جي وچ ۾ ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ڪنهن به وڏي مسئلي تي بحث ڪرڻ کان اڳ هڪ ٻئي جو موقف ٻڌو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو