راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ڏکڻ وزيرستان جي علائقي زنگارا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) موجب سڪيورٽي فورسز علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ۾ سڪيورٽي فورسز جا 2 جوان زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ٻارڙا پڻ شهيد ٿي ويا.










