8 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ اهلڪار شهيد 4 زخمي

8 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ اهلڪار شهيد 4 زخمي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) موجب ڏکڻ وزيرستان جي علائقي شن وارسڪ ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن دوران فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ دهشتگردن جي ڪمانڊر جان محمد عرف چراغ سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد فورسز خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سپاهي حامد رسول شهيد ۽ ٻن آفيسرن سميت 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا، 31 ورهين جي سپاهي حامد رسول جو تعلق راولپنڊي سان هو.

پهنجو تبصرو موڪليو