وزيراعظم 27 اپريل تي سعودي عرب جو دورو ڪندو

وزيراعظم 27 اپريل تي سعودي عرب جو دورو ڪندو

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم شهباز شريف 27 اپريل تي سعودي عرب جي دوري تي روانو ٿيندو، جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز به شهباز شريف سان گڏ سعودي عرب ويندا ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف، مريم نواز ۽ مولانا فضل الرحمان سعودي عرب ۾ عمري جي ادائگي ڪندا، سعودي بادشاهه سوڌو ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقاتن جا به امڪان آھن

پهنجو تبصرو موڪليو