وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو غير آئيني آهي، مقصود ڊومڪي

وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو غير آئيني آهي، مقصود ڊومڪي

چوهڙ جمالي (ناشاد ملاح) مجلس وحدت مسلمين جي مرڪزي ترجمان مقصود علي ڊومڪي چوهڙ جمالي جي سادات امام بارگاھ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته هر جماعت کي احتجاج ڪرڻ جو جمهوري حق حاصل آھي پر اهو احتجاج پرامن هجڻ گهرجي. ڏنڊا بردار فورس کڻي اچڻ ھڪ غلط ميسيج آھي ڪنهن پرامن جماعت کي اهڙو ميسيج نه ڏيڻ گهرجي هڪ سال پورو ڪندڙ وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪرڻ غير آئيني آھي جنهن کي عوام مينڊنٽ ڏيئي آندو آھي ان کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڏجي. هن ملڪ ۾ هڪ اهڙي حڪومت جي ضرورت آهي جيڪا ڪرپشن جي خلاف هجي جيڪا دهشتگردي جي به خلاف هجي موجوده حڪومت کي عوامي مسئلن تي فوڪس ڪرڻ گهرجي. هن وقت ملڪ ۾  بيروزگاري ۽ غربت انتها تي آھي عمران خان عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي اڃان تائين پورا نه ٿي سگهيا آھن نوڪريون ڏيڻ ۽ گهر ٺاهي ڏيڻ جي واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي، روزگار نه هجڻ ڪري نوجوان پريشان آھن حڪمران کي بغير پروٽوڪول جي هلڻ گهرجي هن وقت تائين وزيراعظم هائوس يونيورسٽي نه ٿي سگهيو آھي گورنر هائوس انگريزن جي دور جو ٺھيل آھي جيڪو شاهي محل لڳي ٿو ان مان ائين لڳي ٿو ته حڪمران عوام جا خادم نه پر ڪي بادشاھ آھن جيڪي پنهنجي بادشاهي وارو جهان هلائي رهيا آھن جنهن ملڪ جي اڪثريت کي کائڻ لاءِ ماني نه ملندي هجي جنهن ملڪ جي عوام جو سرڪاري اسپتالن ۾ علاج نه ٿيندو هجي جتي بک ۽ بيروزگاري گهر ڪري ويهي رهي اها حڪمرانن جي غلط پاليسين جو نتيجو آھي. مجلس وحدت مسلمين چاهي ٿي ته ملڪ ۾ امن وامان هجي ملڪ ۾ ڪوبه بيروزگاري بک ۽ علاج نه ٿيڻ ڪري بيوسي جو موت نه مري حڪمرانن کي اسلامي طرز جي حڪمراني ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته پي پي کي لاڙڪاڻي جي هارايل سيٽ مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي سنڌ جي ماڻھن سدائين پي پي کي مان ڏنو پر پي پي جي غلط طرز جي حڪمراني سبب سنڌ تباھ حالي جو شڪار آھي تعليم تباهي جي ڪناري پهتل آھي اسپتالن ۾ ڪابه سهولت ناهي علاج نه ٿيڻ ۽ سهولتون نه هجڻ ڪري ماڻھو تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا. ترقياتي ڪمن جي آڙ ۾ اربين روپيا هڙپ ڪيا وڃن ٿا پي پي قيادت نوٽيس وٺي سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جون ڪوششون وٺي ماڻھن کي رليف ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو