اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد جي ڊي چوڪ جو دورو ڪيو ۽ امن امان جي صورتحال تي بهترين طريقي سان ڪنٽرول ڪرڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ بچاءَ واري وزير خواجا آصف سان گڏ قومي اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي اسلام آباد جي ڊي چوڪ جو دورو ڪيو، جتي هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي مختصر خطاب پڻ ڪيو.وزيراعظم ملڪ ۾ امن امان برقرار رکڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته عوام جي جانين کي بچائڻ لاءِ توهان امن امان جي دائري ۾ رهي پنهنجو فرض نڀايو پر توهان جو ٿورائتو آهيان. پاڪستان ۽ ان جي عوام سخت ترين حالتن ۾ آهي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو ملڪ جي حفاظت ۽ دفاع تي گهرو وزير، پاڪستان رينجرز، اسلام آباد پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ٿورائتو آهيان، قوم توهان کان اها ئي توقع رکي ٿي، توهان ذاتي پسند ۽ ناپسند کان بالاتر ٿي پاڪستان جي خدمت ڪريو. قائداعظم محمد علي جناح جو خواب به آهي.










