وزيراعظم پاران 40 لک گهراڻن لاءِ 20 ارب جو رمضان پيڪيج

وزيراعظم پاران 40 لک گهراڻن لاءِ 20 ارب جو رمضان پيڪيج

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم شهباز شريف رمضان پيڪيج 2025ع جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 4 ملين خاندانن (اٽڪل 20 ڪروڙ پاڪستانين) کي في خاندان 5 هزار رپيا ڊجيٽل والٽ ذريعي فراهم ڪيا ويندا. رمضان پيڪيج جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جو خاتمو آڻينداسين. اها برائي ختم ٿي ويندي، اسان دهشتگردن لاءِ اهڙي قبر کوٽينداسين جنهن ۾ هو هميشه لاءِ دفن ٿي وڃن. سندن خاتمي تائين خاموش نه ويهنداسين. هن چيو ته اڪوڙا خٽڪ ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۾ مولانا حامد الحق ۽ ٻين پاڪستانين جي شهادت افسوسناڪ واقعي آهي، جتي اسلامي ۽ عصري تعليم ڏني وڃي ٿي. اسين ڌماڪي جي مذمت ڪريون ٿا ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪري سزا ڏينداسين. هن چيو ته 2018ع ۾ دهشتگردي جو خاتمو ٿيو، ان امن لاءِ 80 هزار پاڪستانين جانيون قربان ڪيون، امن لاءِ پاڪ فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن جانيون قربان ڪيون. بعد ۾ دهشتگردي ٻيهر موٽي آئي ان جي تفصيل ۾ مان نٿو وڃان. شهباز شريف چيو ته 2022ع ۽ 2023ع ۾ پاڪستان جو اربين ۽ ٽريلين روپين جو روينيو مختلف عدالتن ۽ فورمن تي التوا ۾ آهي، ان وقت بئنڪن ونڊ فال منافعو ڪيو، پر انهن بئنڪن جو قرض ورتو. هن چيو ته گذريل هفتي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج حڪم نامو ختم ڪيو ته گورنر اسٽيٽ بئنڪ هڪ ئي ڏينهن ۾ بئنڪن مان 23 ارب رپيا ڪڍي خزاني ۾ جمع ڪرايا، جنهن تي سندس ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته هن سال رمضان پيڪيج لاءِ 20 ارب رپين جي وڏي رقم مختص ڪئي وئي آهي جنهن ذريعي 40 لک پاڪستاني خاندان فائدو حاصل ڪندا، گذريل سال اها رقم 7 ارب رپيا هئي. هن ڀيري گذريل سال جي پيڪيج واري رقم 200 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هن چيو ته رمضان پيڪيج ڪراچي کان گلگت تائين، سمورن صوبائي شهرن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي مستحق خاندانن کي ان پيڪيج ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن پيڪيج کي شفاف بڻائڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ، نادرا، ٽيڪنيڪل ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، مان انهن سڀني ادارن جو شڪر گذار آهيان. جن محنت ڪري رمضان پيڪيج کي ڊجيٽل والٽ ذريعي مستحق ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اسان يوٽيلٽي اسٽورن کي ختم ڪري رهيا آهيون، انهن کي بهتر ڪري پرائيويٽائز ڪيو ويندو. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشنز ۾ وڏي ڪرپشن هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو