عمران خان جي سڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.گذريل ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر لاهور پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي خط لکي ٻڌايو هو ته لاهور جي جلسي دوران کيس سڪيورٽي خطرو آهي، تنهن ڪري ريلي کي آن لائين خطاب ڪيو يا بلٽ پروف گاڏي استعمال ڪيو وڃي ته ان جون ونڊو نه کوليو.هاڻ عمران خان جي سڪيورٽي خطري جي رپورٽ تي وزيراعظم شهباز شريف گهرو وزارت کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.شهباز شريف گهرو وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سڪيورٽي کي فول پروف بڻايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو