اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم اطلاعات بابت پنهنجي مشير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم جي استعيفيٰ رد ڪندي کيس ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. مشير ساڻس ملاقات ڪري استعيفيٰ پيش ڪئي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۾ سندس ملڪيت بابت ڏنل وضاحت مان هو مطمئن آهي. ياد رهي ته صحافي احمد نوراني هڪ تحقيقاتي خبر هلائي هئي ته آمريڪا، متحده عراب امارات، ڪئناڊا ۽ پاڪستان ۾ عاصم سليم جي خاندان جون 100 کان مٿي ڪمپنيون ۽ فرينچائيز، گهر ۽ ڪمرشل پراپرٽي آهي جنهن جي ماليت 11 ارب 19 ڪروڙ روپيا آهي. عاصم سليم باجوا الزام رد ڪندي چيو ته سندس ڀائر 30 سالن کان آمريڪا ۾ آهن جن محنت ڪري ملڪيت ٺاهي، ان ۾ منهنجي گهرواري جي سيڙپڪاري ٿوري هئي جيڪا هن پهرين جون تي ڪڍي ڇڏي هئي ۽ ها ڻي سندس پرڏيهه ۾ ڪا به ملڪيت ناهي.










