اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ سڏائي ورتو، ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم قومي معاملن تي غور ڪيو ويندو،اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا کي امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني ويندي ۽ اجلاس ۾ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنز جي سمرين تي غور ۽ ڪابينا گذريل اجلاس جي فيصلن جي منظوري به ڏيندي










