اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ڊي ايم جي ترجمان حافظ حمدالله جو چوڻ آهي ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان وزير اعظم هائوس ۾ وزير اعظم جي عهدي تي ويهي پاڪستان ۽ رياست خلاف سازش ڪري رهيو هو.پنهنجي هڪ بيان ۾ حافظ حمدالله چيو ته آڊيو ليڪس ثابت ٿي ويو ته عمران وزيراعظم طور حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.هن چيو ته عمران خان خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.عمران خان ۽ سندس پارٽي ۽ سندس سهولتڪار ٻڌو، 2023ع ۾ عام چونڊون سندن خواهش تي نه پر حڪمران اتحاد جي خواهش تي ٿينديون.










