وزيراعظم عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي

وزيراعظم عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي

مڪه شريف(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف مديني کان پوءِ مڪي شريف پهچي ويو، جتي هن عمري جي سعادت حاصل ڪئي.ڪعبي جو دروازو خاص طور تي وزيراعظم شهباز شريف لاءِ کوليو ويو ۽ هن پروٽوڪول جي نگراني ۾ ڪعبي اندر نوافل ادا ڪيا. خاص دوري کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف حجر اسود کي چميو ۽ ڪعبي جو طواف ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ عالم اسلام جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا گهري. ان دوران وڏي تعداد ۾ زائرين معمول موجب طواف جو سلسلو جاري رکيو. گذريل رات سعودي حڪومت وزيراعظم شهباز شريف لاءِ روضه رسول جو دروازو کولي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو