وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جي ملاقات

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ملڪي سلامتي سميت خطي جي مجموعي صورتحال ۽ مقبوضه ڪمشير  تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وزيراعظم جي سعودي عرب ۽ آمريڪا جي دوري بابت پڻ ڳالهين سان گڏ وزيراعظم پاران اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي کي خطاب بابت ويچار ونڊيا ويا. وزيراعظم عمران خان اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت کان اڳ سعودي عرب به ويندو. ياد رهي ته گذريل ڇنڇر تي سعودي تيل تنصيبات تي ٿيل حملن جي وزيراعظم عمران خان مذمت ڪندي اظهار همدردي طور تي سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان کي فون پڻ ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو