وزيراعظم طرفان ڪراچي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي قائم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪراچي جي عوامي مشڪلن ۽ کين درپيش مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم قانوني واري وزير جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي ٺاهي آهي، ڪميٽي کي پنهنجي منصوبه بندي ۽ لائحه عمل کي حتمي شڪل ڏيڻ جي باري ۾ سفارشون جلد کان جلد ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪراچي جي صفائي مهم ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي حوالي سان جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزير بيرسٽر فروغ نسيم، خالد مقبول صديقي، علي زيدي، خسرو بختيار ،وزيراعظل جي خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.ڪوٺايل اجلاس ۾ ڪري ڪراچي جي عوام کي پيش ايندڙ مشڪلن ۽ سندن مسئلن جي حل خاص طور تي سيوريج، صفائي، ماس ٽرانزٽ سسٽم، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، ۽ ٻين اهم ايشوز تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪري خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي..

پهنجو تبصرو موڪليو