وزيراعظم شهباز شريف سان دفاع واري وزير خواجه آصف جي ملاقات

وزيراعظم شهباز شريف سان دفاع واري وزير خواجه آصف جي ملاقات

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان دفاع واري وزير خواجه آصف ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ اهم مقرري بابت صلاح مشورا ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب وزيراعظم ميان شهباز شريف سان دفاع واري وزير خواجه آصف جي اهم ملاقات جي موقعي وزيراعظم جو صلاحڪار ملڪ احمد خان به موجود هو. دفاع واري وزير خواجه آصف گذريل ڏينهن به وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي هئي. جنهن ۾ اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون هيون. ملاقات کان پوءِ دفاع واري وزير ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو هو ته وزيراعظم سان ملاقات مشاورتي عمل جو حصو آهي جنهن ۾ اهم قومي معاملن ۽ اهم مقررين بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهن.خواجه آصف چيو ته وزيراعظم سان صلاح مشوري جو عمل جاري آهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سان دفاع واري وزير خواجه آصف جي ملاقات هڪ ڪلاڪ جاري رهي. ملاقات ۾ اهم سيڪيورٽي اداري جا سربراهه به موجود هئا. ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته ملاقات ۾ پاڪ فوج ۾ اهم مقررين بابت صلاح مشورا ڪيا ويا. ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ اهم مقرري تي اڳڀرائي جو امڪان آهي. جڏهن ته ذريعا اهو به ٻڌائي رهيا آهن وزيراعظم شهباز شريف 24 نومبر تي ترڪي جي سرڪاري دوري تي رواني ٿيڻ کان اڳ اهم مقرري جو فيصلو ڪري وٺندو.

پهنجو تبصرو موڪليو