اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف برطانيه کان ملڪ واپس پهچي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ڪوپ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ مصر جي شهر شرم الشيخ ويو هو جتان کان هو لنڊن روانو ٿي ويو هو.وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف سان اهم ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ ٻين معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا.وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن ملڪ واپسي جي لاءِ ايئرپورٽ پهتو هو پر طبيعت خراب ٿيڻ تي هو واپس گهر روانو ٿي ويو هو.










