وزيراعظم سڀاڻي بين الاقوامي دفاعي نمائش آئيڊياز) جي 11هين ايڊيشن جو افتتاح ڪندو

وزيراعظم سڀاڻي بين الاقوامي دفاعي نمائش آئيڊياز) جي 11هين ايڊيشن جو افتتاح ڪندو

ڪراچي (رپورٽر) وزيراعظم ميان شهبازشريف سڀاڻي (اڱارو) 15 نومبر تي ڪراچي ۾ بين القوامي دفاعي نمائش ۽ سيمينار (آئيڊياز) جي 11هين ايڊيشن جو افتتاح ڪندو تفصيل مطابق پاڪستان جي وزيراعظم ميان شهبازشريف 15 نومبر ي ڪراچي پهچندو جتي هو ايڪسپو سينٽر ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي بين الاقوامي دفاعي نمائش جو افتتاح ڪندو وزيراعظم ڪراچي جي دوري دوران گورنر هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو جتي کيس ٻوڏ واري صورتحال ۽ ڪراچي ۾ جاري ترقياتي رٿائن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم سان اتحادي جماعتن جي اڳواڻن جي ملاقات جو به امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو