سکر (اسٽاف رپورٽر)وزير اعظم شهباز شريف سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ لاءِ سکر پهتو.وزير اعظم شهباز شريف جي سکر پهچڻ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو، وفاقي وزير خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سندس آجيان ڪئي.ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي وزيراعظم کي بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ سبب مواصلاتي رابطا بند آهن، تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن.وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب چوپايو مال ۽ فصلن کي به نقصان پهتو آهي.وزيراعظم کي سنڌ ۾ 43 فلڊ رليف ڪيمپن جي قيام بابت به آگاهه ڪيو ويو.وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سنڌ جي دوري دوران سکر، روهڙي، خيرپور، فيض گنج، ڪوٽ ڏيجي ۽ ٺري مير واهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو هوائي دورو ڪندو.وزيراعظم شهباز شريف به ٻوڏ متاثرن سان ملاقات به ڪئي.،،وزيراعظم محمد شهبازشريف چيو آهي ته هي سياست نه خدمت جو وقت آهي ٻوڏ سان وڏي تباهي ٿي آهي، متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين ۽ آخري متاثر شخص کي بحال ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين جمعي تي سکر جي دوري جي موقعي تي ٻوڏ متاثرن سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعطم چيو ته مان ٻوڏ متاثر علائقن جو هوائي جائزو ورتو آهي ٻوڏ سان وڏي تباهي ٿي آهي جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي ايڏي وڏي تباهي مان اڳ ناهي ڏٺي وزيراعظم ٻوڏ ۾ سوين ماڻهو پنهنجا پيارا وڃائي ويهڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ انهن لاءِ دعا ڪئي وزيراعطم چيو ته سنڌ حڪومت متاثرن کي بحال ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي ميڊيڪل ڪئمپ ۾ علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن وزيراعظم چيو ته ان متاثرن سان ملاقات ڪئي آهي کين خوراڪ، دوائون ۽ پاڻي سميت بنيادي ضرورتون فراهم ڪرڻ لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا آهن وزيراعظم چيو ته متاثرن کي گهرن جو معاوضو ڏنو ويندو وفاقي حڪومت 10 لک هڪ خاندان فراهم ڪندي. صوبائي حڪومت به پنهنجي پاران مدد ڪندي وزيراعظم چيو ته متاثرن جا گهر ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن وفاق پاران 25 هزار رپيا في گهراڻو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ڏنا ويندا ته جيئن فوري ضرورتن لاءِ متاثرن کي ڪجهه رقم ملي سگهي وزيراعظم چيو ته معاشي مشڪل صورتحال جي باوجود حڪومت متاثرن جي هرممڪن مدد ڪندي. وزيراعظم چيو ته اتحادي پارٽيون ڏينهن رات عوام جي خدمت لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن گڏجي هن ڏکي صورتحال کي منهن ڏينداسين پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان موقعي تي چيو ته مشڪل وقت ۾ دوري ۽ مدد ۽ تعاون تي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪريون ٿا برساتن سان وڏي تباهي ٿي آهي ۽ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ فصلن ۽ گهرن کي وڏو نقصان ٿيو آهي. سمورين سياسي پارٽين کي هن آفت جو مقابلو ڪرڻو آهي هي رليف ۽ ريسڪيو جو وقت آهي پوري قوم متاثرن جي مدد لاءِ اڳيان اچي هن چيو ته هن وقت متاثرن کي ٽينٽ ۽ راشن جي سخت ضرورت آهي وڏي وزير مرادعلي شاهه چيو ته وفاق سان گڏجي مشڪل گهڙي ۾ عوام جي مدد ڪنداسين. هن ميڊيا تي زور ڀريو ته ٻوڏ سان ٿيل نقصانن کي ظاهر ڪري ۽ پرڏيهي ادارا ۽ برادري به عوام جي مدد لاءِ آڏو اچي ان موقعي تي راشد سومرو چيو ته اتحادي حڪومت متاثرن جي مدد لاءِ گڏجي ڪم ڪندي.











