لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم چوڻ جي باوجود به سنڌ جي برسات متاثر علائقن جي سار ته نه لڌي، متاثرن سان همدردي لاءِ به چڪر نه لڳايو آهي. لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته وفاقي سرڪار برسات متاثرن لاءِ ڪجهه نٿي ڪري، گهٽ ۾ گهٽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جي حصي جا پئسا ڏنا وڃن ته جيئن عوام جا مسئلاحل ڪريون، خط ۽ اپيلن باوجود وفاقي حڪومت برسات متاثرن جي مدد نه ڪئي، پرڏيهي سفيرن سان ملاقات دوران خبر پئي ته وفاقي سرڪار سنڌ لاءِ ڪنهن به اداري يا ملڪ کان مدد نه گهري آهي، وڏي وزير چيو ته 18هين ترميم جي ڪري سنڌ حڪومت ڪورونا جي حالتن ۾ همت ڀريا فيصلا ڪيا، پيپلز پارٽي تي نفرتن جا الزام مڙهيندڙ پهرين پنهنجي جيءُ ۾ جهاتي پائين، سنڌ جا ٻيا ضلعا ته پري جي ڳالهه، ڪراچي لاءِ به وفاقي حڪومت ڪجهه ناهي ڪيو، برسات متاثر علائقن مان 70 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪيو آهي، اڃا به ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. هن چيو ته وزيراعظم سنڌ ۾ لساني نفرت پيو ڦهلائي، سندس اهو چوڻ ته ڪراچي تي اندرون سنڌ مان چونڊيل پارٽي حڪومت ڪري ٿي، اهو ايم ڪيو ايم واري مائنڊ سيٽ جي عڪاسي آهي.










