وزيراعظم سعودي عرب جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري لنڊن روانو

وزيراعظم سعودي عرب جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري لنڊن روانو

رياض: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ رياض کان لنڊن روانو ٿي ويو آهي. ايئرپورٽ تي رياض جي نائب گورنر محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز وزيراعظم شهباز شريف کي الوداع ڪيو.ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادي محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي دعوت تي اهو دورو ڪيو. انهي دوران مختلف اهم ملاقاتون ٿيون، دوري کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي تازي سعودي عرب جي دوري دوران شاندار استقبال ڪيو ويو. انهي موقعي تي ٻنهي ملڪن اسٽريٽجڪ، گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، جيڪو دفاعي تعاون ۽ گڏيل سلامتي ۾ انقلابي اڳڀرائي آهي.انهي معاهدي جي تحت ڪنهن به ملڪ تي جارحيت ٻنهي ملڪن تي حملو تصور ٿيندي، جيڪا دفاعي اتحاد ۽ گڏيل تحفظ کي مضبوط بنائي ٿي. معاهدي جي تحت پاڪستان هاڻ حرمين شريفين جي تحفظ ۽ سعودي عرب جي سلامتي لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ پارٽنر بڻجي ويو آهي. انهي اهم معاهدي جي تياري ۽ تڪميل ۾ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو ڪردار نمايان آهي. اهو معاهدو ٻنهي ملڪن جي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل فوجي تعاون، گڏيل مشقن ۽ دفاعي لاڳاپن کي هڪ باقاعده اسٽريٽجڪ ڀائيواري ۾ شامل ڪري ٿو. معاهدي سان نه صرف خطي ۾ امن ۽ عالمي سلامتي کي هٿي ملندي پر اقتصادي، سفارتي ۽ عسڪري ميدانن ۾ به وڏا موقعا پيدا ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو