وزيراعظم سان پيپلز پارٽي جي وفد جي ملاقات، 27 هين ترميم آڻڻ تي اتفاق

وزيراعظم سان پيپلز پارٽي جي وفد جي ملاقات، 27 هين ترميم آڻڻ تي اتفاق

لاهور: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ آئيني ترميم ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.ذريعن موجب ملاقات ۾ 27 آئيني ترميم تي به ڳالهيون ڪيون ويون. بلاول ڀٽو 26هين آئيني ترميم کي به تاريخي قرار ڏنو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 26هين آئيني ترميم جي منظوري جو ڪريڊٽ اتحادي پارٽين ڏانهن وڃي ٿو. پهريان به عوامي خدمت کان پوئتي نه هٽيا هئاسين هاڻ به پوئتي نه هٽنداسين. هن چيو ته ملڪ جي مثبت معاشي اشارن سبب مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي، بلاول ڀٽو چيو ته جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ گڏي هلنداسين، غير جمهوري طاقتن جو رستو روڪڻ لاءِ 26هين آئيني ترميمي اهم ثابت ٿيندي.ٻئي طرف شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته 27هين ترميم به آندو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄوڪي اجلاس ۾ 26هين ترميم تي به غور ويچار ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته 27هين ترميم ۾ صوبن جي حقن بابت خدشن جو ازالو ڪيو ويندو ۽ ان ترميم تي مولانا فضل الرحمان، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين سياسي پارٽين کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو