اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهبازشريف سان قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي بجيٽ 2023-24 ۾ سنڌ خاص ڪري شهري علائقن لاءِ ترقياتي رٿائن کي شامل ڪرڻ تي خالد مقبول صديقي شڪريو ادا ڪيو هن ڪراچي ۾ پاڻي جي پراڻي مسئلي جي حل لا3 سالن کان بند ڪي فور رٿا جي پيڙهه جي پٿر رکڻ تي وزيراعطم محمد شهبازشريف کي خراج تحسين پيش ڪيو خالد مقبول صديقي ملڪي سامونڊي علائقن تي طوفان سبب رياست جي سمورن وسيلن کي عوام جي تحفظ لاءِ ڪتب آڻڻ تي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو آهي.










