انقره (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف زلزلي متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ترڪيه پهچي ويو.ايوي ايشن ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي خصوصي جهاز انقره ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو.ترڪيه جي اختيارين طرفان وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد جو انقره ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو ويو.وزيراعظم شهباز شريف پاڪستاني عوام طرفان ترڪيه ۽ شام سان تعزيت جو اظهار ڪندو. وزيراعظم ترڪيه جي صدر طيب اردوان سان پڻ ملاقات ڪندو. ترڪيه جي صدر سان ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف امدادي سرگرمين جي حوالي سان ڳالهيون ڪندو.وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر طيب اردوان ترڪيه جي تباهه ٿيل علائقن جو پڻ دورو ڪندا.










