وزيراعظم جي ڪرسي گرم  آهي، جيڪو  ان تي ويهندو سڙي ويندو: شيخ

وزيراعظم جي ڪرسي گرم آهي، جيڪو ان تي ويهندو سڙي ويندو: شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته وزيراعظم جي ڪرسي گرم ٿي وئي آهي، جيڪو به ان تي ويهندو سو سڙي ويندو. هن سيٽ تي هڪ ٻئي کي ويهڻ جي ڪوشش ڪئي.ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته وزيراعظم جي ڪرسي اسان جي آهي، چوري ٿيل ڪرسي پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي سياسي قبر بڻجي ويندي.هن چيو ته وڪيلن جو ڏک ڏٺو، ڪارڪنن جو ڏک برداشت ڪيو، هي هيرو آهن، علي زيدي جهڙن ماڻهن پي ٽي آءِ جي باني جي پٺيءَ ۾ ڇُرا هنيا.حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو، 20 قومي ۽ 38 صوبائي سيٽون ڏنيون، اسان کي اهي سيٽون فارم 45 مطابق مليون، جيڪو فارم 45 ڏسڻ چاهي اهو ڏسي سگهي ٿو.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته جماعت اسلامي جو شڪر گذار آهي ته هنن ووٽ کي عزت ڏني، اسان سمورن ميمبرن کي چونڊيل سمجهون ٿا، نه سڏڻ تي به ماڻهن ڳولي لڌا ۽ اسٽال لڳائي ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو