لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ هندو برادري پنهنجو رنگن سان ڀريل مذهب تهوار هولي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي.بهار جي موسم جي شروع ٿيڻ تي ملهائجندڙ هندوئن جي مذهبي تهوار هولي کي رنگن جو تهوار به چيو ويندو آهي. هولي جون تقريبون 2 ڏينهن هلنديون آهن. پهرين ڏينهن مختلف رسمون ادا ڪيون وينديون آهن ۽ ٻئي ڏينهن رنگ لڳايو ويندو آهي، ٻار ۽ وڏا هڪ ٻئي تي رنگ اڇليندا آهن.سڄي ملڪ خاص طور تي سنڌ صوبي جي علائقن مٺي، حيدرآباد، جيڪب آباد، ٿرپارڪر ۾ هولي جي تقريبن ۾ هندوئن سان مسلمان برادري جا ماڻهو شرڪت ڪري رواداري ۽ مذهبي هم آهنگي جو اظهار ڪندا آهن.ٻئي طرف صدر آصف علي زداري هولي تي هندو برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ملڪ لاءِ پاڪستاني هندوبرادري جون خدمتون تعريف جوڳيون آهن. پاڪستان جو آئين مذهبي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو. پاڪستان سمورن مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو هڪ خوبصورت گلدستو آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به هندو برادري سان تعلق رکندڙ 700 خاندانن کي هولي جي تهوار تي هولي پيڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هولي جون خوشيون ٻيڻون ڪرڻ لاءِ في ماڻهو کي 10 هزار روپيه ڏنا ويندا. فنڊ جاري ڪري لاڳاپيل علائقي جي ڊپٽي ڪمشنر تائين پهچايا ويا آهن…. وزيراعظم محمد شهباز شريف هندو برادري کي رنگن جي تهوار هولي جي مبارڪباد ڏني آهي.هندو برادري کي هولي جي حوالي سان پنهنجي خاص پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سڄي دنيا ۽ خاص طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ هندو برادري کي رنگن جو هي عيد مبارڪ هجي.وزيراعظم چيو ته پاڪستان مختلف عقيدن، نسلن، ثقافتن ۽ ٻولين جو هڪ قابل فخر امتزاج ملڪ آهي.هن چيو ته اچو ته سڀ گڏجي قومي ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصد لاءِ ڪم ڪريون.وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته بهار جي آمد اسان سڀني لاءِ نئين شروعات، اميد ۽ خوشين جو پيغام هجي.










