اسلام آباد (رپور ٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي ترجمانن جواهم اجلاس اڄ ٿيو. اجلاس ۾ سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويو.وزيراعظم سياسي صورتحال تي حڪومت بيانن بابت ترجمانن کي گائيڊ لائين ڏني. اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي حڪومت مخالف تحريڪ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي اجلاس ۾ سينيٽ چونڊن تي به صلاح مشورا ۽ ڳالهه ڪئي وئي ٻئي طرف وزيراعظم ريلويز بابت اجلاس به طلب ڪري ورتو آهي. ريلوي واري وزارت جي اختيارين وزيراعظم کي ايم ايل ون منصوبي تي بريفنگ ڏني.عمران خان کي ايم ايل ون منصوبي جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم سواتي چيئرمين ريلويز ۽ ٻين اختيارين وزيراعظم کي بريفنگ ڏني اجلاس ۾ وفاقي وزيرن۽ صلاحڪارن به شرڪت ڪئي وزيراعظم ايم ايل ون منصوبي تي اهم هدايتون ڏنيون.










