اين آءِ آر سي ۾ 8 ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري

اين آءِ آر سي ۾ 8 ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مزدورن جي عالمي ڏينهن تي وزيراعظم شهباز شريف مزدورن ۽ پورهيتن کي تحفو ڏنو.حڪومت نيشنل انڊسٽريل رليشن ڪميشن جي 8 ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.سڌ سماءَ واري وزارت وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.8 ماڻهن کي NIRC جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي.سڌ سماءَ واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب رٽائرڊ سرڪاري ملازم سيد نور الحسنين کي اين آءِ آر سي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي.رٽائرڊ ججن عبدالقيوم، سهيل اڪرم، زبير خان ۽ شبير اعواڻ کي به ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي.وڪيل سراج الاسلام، عبدالغني ۽ منور حسين طوري کي به اين آر سي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي.ڪابينا اطلاعات واري وزارت جي سمري تي انهن خالي جاين تي مقررين جي منظوري ڏني هئي.اين آءِ آر سي جون اهي پوسٽون 9 مهينن کان خالي هيون، هي ڪميشن مزدور تنظيمن کي به رجسٽر ڪري ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو