وزيراعظم جو اڳ ڄائو پٽ شراب سميت گرفتار

وزيراعظم جو اڳ ڄائو پٽ شراب سميت گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ)پوليس وزيراعظم عمران خان جي اڳ ڄائي پٽ يعني سندس موجوده گهرواري بشرا بي بي جي ننڍي پٽ، سندس ڪزن ۽ هڪ دوست خلاف شراب رکڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايف آءِ آر موجب غالب مارڪيٽ پوليس سندس ڪار مان شراب هٿ ڪري جوابدارن محمد موسيٰ مانيڪا، ڪزن احمد مانيڪا (نواز ليگ ايم اين اي احمد رضا مانيڪا جو پٽ) ۽ دوست احمد شهريار خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي .ٽنهي جوابدارن خلاف قلم 3، 4 ۽ 11 تحت ڪيس (بائونڊري آرڊر 1979) داخل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس کين ظهور الاهي روڊ تان گرفتار ڪيو. اسپتال ۾ معائني دوران انڪشاف ٿيو ته احمد شهريار نشي جي حالت ۾ هو، جڏهن ته مانيڪا خاندان طرفان ضمانت منظور ٿيڻ بعد جوابدار جي آزاد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. عدالت احمد شهريار کي ضمانت تي آزاد ڪيو هو پر پوليس هٿ آيل شراب جا نمونا فرانزڪ لاءِ موڪليا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو